سچل سائين

سچل سائين

سچل سائين

سچل سائين (ڪتاب): سچل سرمست بابت مضمونن جو هيءُ ڪتاب ڪريم بخش خالد جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ حضرت سچل سرمست جي فڪر جي اپٽار ڪئي وئي آهي. ڪتاب جو پيش لفظ نامور اديب اي. ڪي بروهيءَ لکيو آهي. ’پنهنجي پاران‘ ۾ مصنف حضرت سچل سرمست جي سوانح، ڪلام جي شرح، مڪتبه فڪر سميت پنهنجي همعصر دور ۾ سچل جي فڪر جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. ڪريم بخش خالد مضمون ’سچل سائين‘ ۾ سچل جي زندگيءَ جي احوال سميت، حسب نسب، ان وقت جي سياسي، سماجي ۽ فڪري حالتن، صوفياڻي طرز فڪر، صوفي مڪتبه فڪر، سچل جي فارسي، سنڌي، اردو شاعريءَ جي اپٽار، مذهبي نظريي، صوفياڻي طريقي، مڪمل تصنيفن جي ذڪر سميت سچل سرمست متعلق نامور عالمن جا رايا شامل ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ هيٺين موضوعن تي مضمون ڪتاب ۾ شامل آهن: اناالحق، سچل جو سنيهو، سچل جي ڪلام ۾ زندگيءَ جو نظريو، جوڳي آيو جوءِ ۾، سچل جي ادبي عظمت، جوئي آهيان سوئي آهيان، سچل جو ادبي مطالعو، دم دم جا ديدار، سچل ڪافي گو شاعر، سچل جو قاصد-ڪانگ، سچل جي ڪلام ۾ رومانوي عنصر، سچل جو ساٿ ڪير ڏي، سچل جي شاعريءَ ۾ عشق جو بيان، راز نامي جو اڀياس، ڇوڙ گمان گدائي والا، شملا چا ٻڌ شاهي دا، غزل بحر طويل جو مطالعو ۽ سچا سي سخن هاديءَ جا وغيره.
ڊيمي سائيز جي 200 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 20 روپيا آهي. ڪتاب جو انتساب مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سچل جي طالب فقير نبي بخش ميمڻ جي نالي ڪيو ويو آهي. ڪتاب پندرهين صدي مطبوعات، ڪراچي، سنڌ طرفان 1983ع ۾ ڇپرايل آهي.


لفظ سچل سائينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو